اکين ۾ الماس - ڪتاب

اکين ۾ الماس - ڪتاب

اکين ۾ الماس

اکين ۾ الماس (ڪتاب ):سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي منفرد لهجي واري ۽ پهرينءَ صف جي شاعر وفا ناٿن شاهيءَ جي غزلن جو هي پهريون مجموعو، ساگر ڪميونيڪيشنز، ميرپورخاص پاران، ساگر سچيڏني دَلَ، جنوري 2000ع ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل نامياري مصور عبدالرسول عباسيءَ جو ٺاهيل آهي. هن ڊيمي سائيز جي 288 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي. وفا جي شاعريءَ جي هن مجموعي ۾ سندس 241 خوبصورت غزل شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو